اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته پاڪستان کي هڪ وڏي ميڊيا وار درپيش آه??، سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه کي ڀارت ليڊ ڪري رهيو آه??، پي ٽي ايم رياست مخالف 150 ٽرينڊز هلايا، ملڪ دشمن عنصر پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه جي لاءِ سوشل ميڊيا جو وڌيڪ استعمال ڪن ٿا، (ن) ليگ جي ميڊيا ٽيم ۽ جي يو آءِ (ف) پڻ اسرائيل ٽرينڊز ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو، ان پروپئگنڊه ۾ افغانستان جا به ڪجهه ماڻهو ملوث آه??، پاڪستان ۾ فرقيواراڻي نفرت ۽ لساني وڳوڙن جي ڪوشش ۾ به ٻاهرئين ملڪ مان سوشل ميڊيا اڪائونٽس ملوث آه??، نور مقدم ڪيس کي بنياد بڻائي ڀارتي ٽي وي چينلز پاڪستان جي خلاف ڪيترن ئي ڪلاڪن جون وڊيوز اپ لوڊ ڪيون. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان کي هڪ پلان تحت ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ۽ پاڪستان جي خلاف جعلي ??برون پکيڙيون پيون وڃن، ان کي اسان پوري طرح بي نقاب ڪنداسين. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ڊيجيٽل ميڊيا ونگ هڪ تفصيلي ??پورٽ تيار ڪئي آه?? جنهن ۾ ٻڌايو ويو آه?? ته ڪهڙي طريقي سان پاڪستان جي خلاف سوشل ميڊيا کي خاص طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ وڏا ڪردار ڪير آه??. ان رپورٽ ۾ ٻن سالن جي ڊيٽا شامل ڪئي وئي آه??. هن چيو ته 2019ع کان وٺي آگسٽ 2021ع تائين پاڪستان جي سوشل ميڊيا جو هڪ تفصيلي ??جزيو ان رپورٽ ۾ موجود آه??. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي خلاف وڏي سوشل ميڊيا ٽرينڊز کي ڀارت ليڊ ڪيو، ان ۾ پاڪستان جي اندر سڀ کان وڏو ڪردار پي ٽي ايم ۽ ان سان تعلق رکندڙ ورڪرز آه??، جن هندستان جي ان حوالي ??ان مدد ڪئي. هن چيو ته انهن ٽرينڊز ۾ افغانستان جي موجوده حڪومت جا ماڻهو ??ه شامل آه??. پي ٽي ايم پاڪستان رياست جي خلاف ٻن سالن ۾ 150 ٽرينڊز ليڊ ڪيا، انهن ۾ رڳو 37 لک ٽوئيٽس ڪيا ويا. اهو ??ٽڪل ٽوئيٽس جو هڪ هزار ڪلاڪ بڻجي ٿو جيڪي پي ٽي ايم جي 150 ٽرينڊز تي ڪيا ويا. هن چيو ته دلچسپ ڳالهه اها آه?? ته پي ٽي ايم بلوچ عليحدگي پسند تحريڪ کي پڻ سپورٽ ڪيو، 14 آگسٽ 2020ع تي پي ٽي ايم بلوچستان ساليڊيريٽي ڊي جو هڪ ٽرينڊ هلايو، ان ٽرينڊ تي هندستان مان هڪ ڏينهن ۾ ڏيڍ لک ٽوئيٽس ڪيا ويا، اهو ٽرينڊ شروع پي ٽي ايم ڪيو ۽ ان جي سپورٽ هندستان ڪئي. وڌيڪ ٽرينڊز به هلايا ويا، PTMExposeStateTerrorism# تي 23 هزار ٽوئيٽس ٿيا، DaSangaAzadiDa# تي 32 هزار ٽوئيٽس ٿيا، BalochistanSolidarityDay# تي هڪ لک 45 هزار ٽوئيٽس ٿيا، TyrantPakistanArmy# تي 34 هزار ٽوئيٽس ٿيا، ArmyBehindTargetkilling# تي 32 هزار ٽوئيٽس ٿيا، PakArmyKillsPashtun# تي 34 هزار ٽوئيٽس ٿيا. هن چيو ته پي ٽي ايم TRC4PashtunGenocide# جهڙا ٽرينڊز شروع ڪيا ۽ انهن کي سپورٽ هندستان کان ملي ??هي آه??. هن چيو ته ٻن ڏينهن کان هڪ ٽرينڊ SanctionPakistan# هلايو پيو وڃي، ان ٽرينڊ تي پي ٽي ايم ٻيهر 20 هزار جي لڳ ڀڳ ٽوئيٽس ڪيا آه??. ان ۾ افغانستان جي نائب صدر امرالله صالح، نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر رحمت الله اندور ۽ ڊيفينس منسٽر جنرل بسم الله محمدي پڻ حصو وڌو. ان تي ڪل گڏائي 8 لک ٽوئيٽ ڪيا ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته هندستان مان ويڪيپيڊيا جو ايڊمنسٽريٽر پي ٽي ايم جي ماڻهن جي لاءِ ڪمپين ڊيزائن به ڪري ٿو ۽ ان جي لاءِ ويڪيپيڊيا پيجز پڻ هلايا وڃن ٿا. هن چيو ته ان جو وڏو ثبوت اهو ??هي ته اي يو ڊس انفوليب انڊين ڪرونيڪلز جي نالي ??ان پنهنجي رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هندستان جون 845 ويب سائيٽس ٺاهيون ويون آه?? جيڪي رڳو پاڪستان جي خلاف ڊس انفارميشن پکيڙين ٿيون. انهن ويب سائيٽس جو هندستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي ??ين آئي سان ويجهو ??علق هو. اهي اي يو ڊس انفوليب جي سامهون آيون. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪريمه بلوچ تي هڪ ٽرينڊ StateKilledKarimabaloch# هلايو ويو. ڪريمه بلوچ ڪينيڊين شهري هئي. ڊسمبر 2020ع ۾ اها فوت ٿي، ڪئناڊا جي پوليس جاچ ڪئي ۽ ٻڌايو ته ان جي فوتگي ٻڏڻ سان ٿي، ان ۾ ڪو ٻيو رخ شامل نه هو پر پي ٽي ايم ان ٽرينڊ تي هزارين ٽوئيٽس ڪيا. ??هڙ?? طريقي سان عثمان ڪاڪڙ جي موت برين هيمرج سان ٿي، ان جي لاءِ 10 هزار کان وڌيڪ ٽوئيٽس ٿيا جن مان ٻه ڀاڱي ٽوئيٽس هندستان مان ڪيا ويا. هن چيو ته بلوچستان ۾ هڪ ٻار تي RapistArmyInBalochistan# جو ٽرينڊ هلايو ويو، ان ٽرينڊ تي ڪجهه عنصرن انڊيا مان ۽ ڪجهه آمريڪا مان ٽوئيٽس ڪيا. ان تي 10 هزار جي لڳ ڀڳ ٽوئيٽس ڪيا ويا، بدقسمتي سان ان ٽرينڊ ۾ جي يو آءِ (ف) ۽ پي ٽي ايم جي ميڊيا ٽيم حصو ورتو جيڪو بنيادي طور تي اسرائيلي ٽرينڊ هو، اسرائيل پاڪستان جي اندر اهو ٽرينڊ ڏئي ڪنفيوزن پيدا ڪرڻ چاهيندو هو. ان کانسواءِ اي ??ين پي RejectKillDumpPolicy# ٽرينڊ بلوچستان ۾ پنهنجي اسپوڪس پرسن اسد خان اچڪزئي جي لاءِ شروع ڪيو، ان ٽرينڊ کي به هندستان مان سپورٽ ملي. بعد ۾ خبر پئي ته اي ??ين پي جي اسپوڪس پرسن اسد خان اچڪزئي جو قتل ڪار کسجڻ جي واردات ۾ ٿيو هو. هن ٻڌايو ته ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ جي ڪيترن ئي ٽوئيٽس کي هندستان مان سپورٽ ملي. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ جڏهن پنهنجي ڪمپين شروع ڪئي ته چار لک ٽوئيٽس 15 ڪلاڪن جي اندر مليا، ان ۾ تمام وڏو حصو هندستان جو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نور مقدم ڪيس ڪرمنل ڪيس آه??، ان ۾ ڪارروائي مڪمل ٿي چڪي آه??، جوابدار گرفتار ٿي چڪا آه?? پر سوشل ميڊيا تي هڪ مهم هلائي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته پاڪستان عورتن جي لاءِ محفوظ ملڪ نه آه??. هندستان جي هڪ چينل نور مقدم ڪيس تي سوين وڊيوز ٺاهيون. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ تمام وڏي ميڊيا وار درپيش آه?? جنهن ۾ پاڪستان جي خلاف جعلي ميڊيا کي جعلي ??برن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪجهه اهڙا ٽرينڊز هلايا وڃن ٿا جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي حقيقت جي خبر ئي ناهي هوندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پيگاسس سپائي ويئر بابت ڪميٽي تي شروعاتي ڪم ٿي ويو آه??، حڪومت پاران ڪميٽي جي لاءِ آفيشلز نامزد ڪيا ويا آه??، نجي شعبي پاران نالن جو انتظار آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير هڪ سوال تي چيو ته پي ٽي آءِ حقيقي وفاق جي نمائنده سياسي پارٽي آه?? جنهن کي سڄي ملڪ ۾ پزيرائي حاصل آه??، وزيراعظم عمران خان پوري ملڪ ۾ مقبول ترين ليڊر آه??، اسان کي پي ٽي ايم جي سياست سان ڪو مسئلو نه آه??، پي ٽي ايم جي اندر هڪ ??هڙ?? ڌڙو آه?? جيڪو ڀارتي ايجنڊا ۾ استعمال ٿي رهيو آه??. افغانستان جي حوالي ??ان هڪ سوال تي هن چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ اٽڪل 2 هزار ارب ڊالر خرچ ڪيا پر افغانستان جي فوج ان قابل نه آه?? ته اها طالبان جو مقابلو ڪري سگهي. هن چيو ته افغانستان جي سڄي ليڊرشپ ارب پتي آه?? پر افغانستان جا ماڻهو ??ريب ترين آه??، ان جو انهن کي حساب ڏيڻ گهرجي.