اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ”ڪي فور“ منصوبو مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تي?? ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آه?? ته ڪراچي کي پاڻي جي شديد کوٽ درپيش آه??، پاڻي جي فراهمي جو اهو منصوبو تي?? رفتار بنيادن تي هلائڻ جي ضرورت آه??، لاڳاپيل حصيدار ان حوالي سان هم آه??گي سان ڪم ڪن. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي فور بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. واپڊا چيئرمين ليفٽينٽ جنرل (ر) مزمل حسين منصوبي جي باري ۾ صدر کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. واپڊا چيئرمين ڪراچي ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته جون 2021ع تائين ڪنسلٽنٽس ڪم شروع ڪري ڏيندا جڏهن ته ڊزائين ريويو آڪٽوبر 2021ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته منصوبي تي فيبروري 2022ع ۾ ڪم شرو?? ٿيندو ۽ اهو آڪٽوبر 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندو.