اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سين??ٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آذربائيجان جي سفير پارليامينٽ هائوس ۾ مل??قات ڪئي آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب آذربائيجان جي سفير علي آليزاده سين??ٽ چيئرمين سان سندس پڦي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي، مل??قات دوران ٻطرفي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، مل??قات ۾ ڪورونا وبا جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به بحث ٿيو، سين??ٽ چيئرمين چي?? ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپاري تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، معاشي تعاون سان ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ سيڙپڪارن کي ويجهو آڻڻ جو موقعو ملندو، گڏيل لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن جو فروغ نهايت ضروري آهي، هن چي?? ته پاڪستان ۽ آذربائيجان سدائين هڪ ٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. ناگورنو، ڪاراباخ ۽ ڪشمير مسئلي تي ٻنهي جو تعاون ويجهي لاڳاپن جو ثبوت آهي.