اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا يونيورسٽي اينيميشن، بصري آواز ۽ جديد ميڊيا سان تعلق رکندڙ هر شيءَ لاءِ هڪ جديد ترين ادارو هوندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ميڊيا ٽيڪنالاجيز ۾ دنيا جي مشهور يونيورسٽي (برن ما??وٿ يونيورسٽي) سان سهڪار اڳتي وڌائڻ جي هڪ ڪوشش آهي، هن پاڪستان ?? برطانيه جي تعاون تي ٿورو ادا ڪيو، وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ?? برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر مائيڪ نيٿ ويرياناڪس جو ٽوئيٽ به شيئر ڪيو جنهن وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ بورن ما??وٿ يونيورسٽي جي جان ويني کي پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ دلچسپ ميڊيا پروگرام پيش ڪرڻ جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.