ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. گورنر هائوس پاران جاري پڌ??ائ?? موجب اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اساماعيل، وفاقي ??زير اسد عمر، علي حيدي زيدي، سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ قومي اسيمبلي ميمبر جئه پرڪاش، صوبائي اسيمبلي ميمبرن فردوس شميم نقوي، خرم شير زمان، حليم عادل شيخ ۽ بلال غفار سميت ٻيا پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ منصوبابندي?? ترقي ۽ خ??ص قدمن واري وفاقي ??زير اسد عمر صدر کي ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر جي ڦهلاءُ، احتياطي تدبيرن جي لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن ۽ ويڪسين درآمد بابت تفصيل?? بريفنگ ڏني.