اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ فيصل واوڊا سميت 48 نوان چونڊيل سينيٽر اڄ جمعي تي ڇهن سالن لاءِ سينيٽ جي ميمبر طور حلف کڻندا، ال??ڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ پهريون ئي نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڪو آه??، سينيٽ جي نون ميمبرن ۾ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان پاڪستان پيپلزپارٽي جو سيد يوسف رضا گيلاني ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي فوزيه ارشد، پنجاب مان مسلم ليگ (ق) جو ڪامل علي آغا، پي ٽي آءِ جو سيف ال??ه سرور خان نيازي، عون عباس، اعجاز احمد چوڌر??، سيد علي ظفر، زرقا سهروردي تيمور، مسلم ليگ (ن) جو افنان ال??ه خان، ساجد مير، عرفان الحق صديقي، اعظم نذير تارڙ ۽ سعديه عباسي شامل آهن. سنڌ مان پاڪستان پيپلزپارٽي جو سليم مانڊوي والا، شيري رحمان، تاج حيدر، شهادت اعواڻ، ڄام مهتاب حسين ڏاهر، فاروق حامد نائيڪ، پلوشه محمد زئي خان، پي ٽي آءِ جو محمد فيصل واوڊا، سيف ال??ه ابڙو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سيد فيصل علي سبزواري ۽ خالده اطيب، خيبرپختونخوا مان پي ٽي آءِ جو محسن عزيز، شبلي فراز، لياقت خان ترڪئي، فيصل سليم رحمان، ذيشان خا??زا??ه، دوست محمد خان، محمد همايون مهمند، ثانيه نشتر، فلڪ ناز، گرديپ سنگهه، عوامي نيشنل پارٽي جو هدايت ال??ه خان ۽ جي يو آءِ ف جو عطاءُ الرحمان شامل آهن. بلوچستان مان بلوچستان عوامي پارٽي جو پرنس احمد عمر احمد زئي، منظور احمد، سرفراز احمد بگٽ??، سيد احمد هاشمي، ثمينه ممتاز، دنيش ڪمار، بلوچستان نيشنل پارٽي جو محمد قاسم، اي اين پي جو عمر فاروق، جي يو آءِ ف جو مولانا عبدالغفور حيدري، ڪامران مرتض??ٰ ۽ آزاد اميدوار محمد عبدالقادر ۽ نسيمه احسان شامل آهن. اهي ميمبر 6 سالن جي لاءِ سينيٽ جا ميمبر چونڊيا ويا آهن. سينيٽ جا 52 ميمبر خميس ڏينهن پنهنجو 6 سالا آئيني مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويا.