اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن م??اشري ۾ عورتن جي بلند مقام ۽ مختلف شعبن ۾ انهن جي واکاڻ جوڳين ??دمتن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، دين ??سلام عورتن کي بي مثال حق ڏنا آهن، پاڪستان جو آئين ??ورتن جي حقن جو ضامن آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ عورتن روشن ڪردار ادا ڪيو آهي، معاشري کي مهذب ۽ روشن خيال بڻائڻ لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لازمي آهي. هن چيو ته عورتن کي ترقي جي برابر موقعن ۽ حقن جي يقيني فراهمي سان م??اشري ۾ طاقتور ۽ محفوظ بڻائڻ اسان جو پختو عزم آهي.