اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ??اش?? اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا وائرس تي سارڪ وڊيو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان خطي جي عوام جي زندگي ۽ ان جي صحت بابت اهو ئي فڪر ۽ احساس رکي ٿو جيڪو پنهنجي شهرين جي ح??الي سان ان کي آهي، سارڪ تنظيم خطي ۾ رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادارو ??هي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس ??اش?? اعواڻ چيو ته سارڪ تنظيم خطي ۾ رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادا??و آهي، ان اداري جي ح??يقي ڪردار جو ان کان بهتر وقت ٻيو نه ٿو ٿي سگهي.