اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) ڪابينا جي نج??اري بابت ڪميٽي (سي سي او پي) نج??اري جي سمورو عمل جلد ۽ شفاف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ??ئي آهي ته جيئن مقرر نظام ۽ وقت ۾ ان حوالي سان سمورا هدف حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهن، ايس ايم اي بئنڪ لميٽيڊ ۽ پاڪ انشورنس ڪمپني لميٽيڊ جي 20 سيڪڙو نج??اري جي حوالي سان تيز اڳڀرائي جاري آهي ۽ نج??اري جو عمل مقرر نظام ۽ وقت جي اندر مڪمل ٿي ويندو، 747 ميگاواٽ گڊو پاور پلانٽ جي نج??اري لاءِ مالياتي صلاحڪارن جي طرفان دلچسپي جي اظهار جا خط ملي چڪا آهن. ڪابينا جي نج??اري بابت ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.