اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي مختلف وزارتن ۽ کاتن پاران عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل مختلف قدمن جي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي پيش ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان سمورن و??يرن، صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن کي هدايت ڪئي آهي ته عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي ڀلائي لا??ِ نوان قدم تجويز ڪي?? وڃن. هن چيو ته ڪيترائي معاملا اهڙا آهن جن تي ڪو خرچ ڪرڻ کانسواءِ رڳو انتظامي قدمن سان عوام کي سهولت پهچائي سگهجي ٿي. رپورٽ ۾ مختلف وزارتن ۽ کاتن پاران عوامي ڀلائي جي حوالي سان هيستائين 64 نون قدمن جي نشاندهي ??ئي وئي آهي.