ڪوئيٽا – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بلوچستان جي اندر خاص طور تي ۽ پوري پاڪستان جي اندر عام طور تي ترقي جا رستا وڏي تيزي سان کلي رهيا آهن، بلوچستان ۾ معدنيات، ماهيگيري ?? ٻين شعبن ۾ سيڙپ??ار?? جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن ۾ موثر خطاب پوري مسلمان امت جي عڪاسي ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ڪوئيٽا جي دوري جي دوران مقامي هوٽل ۾ بلوچستان جي وڏي وزي?? ڄام ڪمال خان، بلوچستان جي گورن?? امان الله خان ياسين زئي ۽ صوبائي وزيرن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت پنهنجي ناپاڪ مقصدن جي ??ري ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي ۽ ڀارت جي بزدلاڻي حرڪت تي پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي.