اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خط لکيو آهي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت ع??ميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي سندس ۽ نئين چونڊيل حڪو??ت ج?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آمريڪي صدر خط ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ حصيداري دنيا ۽ اسان جي عوام جي سلامتي يقيني بڻائڻ ۾ انتهائي اهم ??هي?? دنيا ۽ خطي کي درپيش وقت ج اهم ترين چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪا پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو. آمريڪي صدر چيو ته عوامي صحت جو تحفظ، معاشي ترقي ۽ سڀني ج?? لاءِ تعليم گڏيل ويزن آهي جنهن کي گڏجي فروغ ??ين??ا رهنداسين، آمريڪا پاڪستان گرين الائنس فريم ورڪ سان ماحولياتي بهتري ج?? لاءِ اسان پنهنجي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين. آمريڪي صدر چيو ته پائيدار زرعي ترقي، پاڻي انتظام ۽ 2022ع جي ٻوڏ جي تباهي آڻيندڙ اثرن کان بحالي ۾ پاڪستان جي معاونت جاري رکنداسين، پاڪستان سان گڏجي انساني حقن جي تحفظ ۽ ترقي جي فروغ ج?? لاءِ پرعزم آهيون، ٻنهي قومن جي وچ ۾ قائم مضبوط پارٽنرشپ کي سگهه ??ين??اسين. آمريڪي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ قائم ويجهو رشتو وڌيڪ مضبوط بڻائينداسيبن.