هڪ فعال جمهوريت ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻي ٿي، پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، ملڪ ۾ معاشي ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته هڪ فعال جمهوريت ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻي ٿي، پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، ملڪ ۾ معاشي ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، ملڪي آبادي جو 65 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي، نوجوان اسان جو قيمتي سرمايو آهن جيڪي ملڪي ترقي جي راهه مقرر ڪندا، ايندڙ 10 سالن ۾ چين ۽ خطي جي ملڪن ۾ 36 ٽريلين ڊالر جو واپار متوقع آهي، انساني معاشري جي جوڙجڪ علم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۾ آهي، پاڪستان جو آئين ڪنهن ويڙهاڪ فورس جي وجود جي اجازت نه ٿو ڏي، رياست آئين ۽ قانون تحت هلي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته جڳهه جڳهه تي شاگردن سان خيالن جي ڏي وٺ ٿئي ٿي جڏهن ته بلوچستان جي شاگردن سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي، بلوچستان جي شاگردن کي ٻين صوبن جا تعليمي دورا ڪرايا هئا ان حوالي سان استادن، سول سوسائٽي ۽ شاگردن سان وڌيڪ مشاورت جي ضرورت آهي ته جيئن ان جي مقصديت ۾ وڌيڪ بهتري اچي، ان حوالي سان ايڇ اي سي سان پڻ رابطو ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام جا وڏا موقعا موجود آهن، پاڪستان 24 ڪروڙ آبادي جو ملڪ آهي جيڪو دنيا جي ڪجهه وڏين آبادين مان هڪ آهي جنهن جو اٽڪل 65 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي تخليق ۽ صلاحيتن سان مالامال آهن، نوجوان اسان جو قيمتي سرمايو آهن جيڪي ملڪي ترقي جي راهه مقرر ڪندا، قدرتي وسيلن، جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ جتي ايندڙ 10 سالن ۾ چين ۽ خطي جي ملڪن ۾ 36 ٽريلين ڊالر جو واپار متوقع آهي، پاڪستان اي سي او جو ميمبر اهي جتي 50 ڪروڙ عوام رهي ٿي، دنيا جي آبادي جو اڌ هن خطي ۾ آباد آهي جتي پاڪستان جي مرڪزي حيثيت آهي، منهنجو موقف آهي ته اسان هڪ ڀيرو سياسي استحڪام آڻي وٺون ته اقتصادي ترقي جون راهون به کلنديون، ائين جمهوريت جي تسلسل ۾ ئي ممڪن آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ٽيڪس گڏ ڪرڻ سميت ٻيا چئلينجز پڻ درپيش آهن، انهن ٽيڪسن جي خرچ جو پڻ هڪ چئلينج آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليمي ادارن ۾ موڪلڻ هڪ چئلينج آهي، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي معياري تعليم ڏيڻي آهي، موجوده انفراسٽرڪچر کي ٻين حصيدارن سان گڏجي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جو هڪ وڏو انگ ٻاهرئين ملڪ آهي، جيڪڏهن اسان قومي ايمرجنسي لاڳو ڪريون ته اهي ماڻهو اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جا تعليمي خرچ کڻي سگهن ٿا، اسان جي اخلاص کي ڏسي ٻين ملڪن جا ماڻهو به اسان سان تعاون ڪري سگهن ٿا، اسان جي ساک ٺهڻ دنيا ۾ اهم آهي ته اسان ان حوالي سان مخلص آهيون، ان حوالي سان نوجوان ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو منفي سوچ کان ٻاهر نڪرن ۽ معاشري جي لاءِ پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺن، تنقيد سان اسان جو ڪردار تعاون طرف اچي ويندو، اسان کي گڏجي اسڪولن ۾ داخلا جي شرح کي وڌائڻو پوندو، تعليم جي زيور سان ماڻهن کي ليس ڪري ئي انساني معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي، تعليم کانسواءِ اڄ کان 100 سالن کانپوءِ ڪنهن ملڪ وجود به ممڪن نظر نه ٿو اچي، اسان کي ان چئلينج جو ادراڪ ڪري ان کي منهن ڏيڻ جي تياري به ڪرڻي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان هڪ مالياتي بحران مان گذري رهيا آهيون، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي فنڊنگ جا مسئلا درپيش آهن، اسان هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ملاقاتون ڪيون، جنوري جي پهرين هفتي ۾ انهن سان ٻيهر خيالن جي ڏي وٺ لاءِ انهن کي گهرائينداسين ۽ عملي قدمن طرف وينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ شخص يا گروهه ڪا ويڙهاڪ فورس نٿو ٺاهي سگهي، معاشري جا اهڙا گروهه جيڪي مذهب، نسل، زبان جي بنياد تي تشدد تي لهي اچن ٿا، ان جي آئين ۾ اجازت نه آهي، آئين مسئلن جي حل لاءِ سياسي عمل جي اجازت ڏني آهي، چونڊن ۾ حصو وٺڻ، اسيمبلين ۽ سينيٽ ۾ اچڻ جي ڪنهن تي پابندي نه آهي، شهري حقن جي نالي تي احتجاجي مارچ ڪندڙ 8 فيبروري جي چونڊن جو حصو بڻجي سگهن ٿا، ڪنهن شهري تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي. هن چيو ته ميڊيا کي ڪجهه قانونن تحت اظهار راءِ جو حق حاصل آهي، هر شيءَ جي حد ۽ طريقيڪار هوندو آهي، انهن قاعدن تحت اڳتي وڌي وڃي ٿو، حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عدالتي نظام موجود آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ وچولي طبقي ۾ وڏو انگ نوجوانن جو اچي رهيو آهي ۽ مون کي لڳي ٿو ته سياسي ۽ سماجي بُت چور چور ٿيڻ وارا آهن، اهي نوجوان پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ ليڊ ڪندا ۽ رول ماڊل هوندا. هن چيو ته بلوچستان ۾ اهي سموريون صلاحيتون موجود آهن جنهن سان اسان دنيا جي وڏي تعليمي ادارن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا، اسان کي پنهنجي نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪرڻي پوندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي سطح تي يونيورسٽين ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سعودي عرب ۾ ٽي کان چار کرب ڊالر جي تعميرات ٿي رهي آهي، انهن پنهنجا ادارا هتي موڪليا آهن جيڪي آگاهه ڪندا ته انهن کي ڪهڙي طرح جي فني افرادي قوت گهربل آهي، نيوٽيڪ اڃا تائين تمام گهٽ ڪم ڪري رهيو آهي، اهو اسان جي ضرورتن موجب ڪم نه ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان ايندڙ حڪومت مان اميد آهي ته اها ان تي ڪم ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽن قسم جا افغان شهري رهائش پزير آهن، انهن ۾ هڪ پي او آر ڪارڊ رکندڙ رجسٽرڊ افغان پناهگير آهن، انهن مان ڪنهن هڪ کي به واپس ناهي موڪليو ويو، افغان سان جي لاءِ ايترائي محترم آهن جيترو ڪير به پاڙيسري يا ڀاءُ ٿي سگهي ٿو، انهن مختلف دورن ۾ جنگيون ڏٺيون ۽ ان کان متاثر ٿيا ۽ هجرت ڪئي، پاڪستان جا پنهنجا مسئلا آهن، پاڪستان 40 کان 50 لک افغانين جي لاءِ پنج ڏهاڪن کان هڪ ميزبان ملڪ رهيو آهي، اسان کي هتي ڏوهن، دهشتگردي ۽ وسيلن جا چئلينجز درپيش آهن، جن افغانين کي اولهندي ملڪ پاڻ وٽ رهائڻ چاهين ٿا انهن کي به اسان واپس ناهي موڪليو، اسان انهن کي هتي عارضي رهائش ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان مان غيردستاويزي ماڻهن کي واپس موڪليو پيو وڃي، انهن هتي رجسٽريشن ناهي ڪرائي، انهن کي هتي رهڻ جو ڪو حق نه آهي، انهن کي واپس وڃڻو پوندو، اهي ماڻهو دستاويزن سان گڏ ٻيهر پاڪستان اچي سگهن ٿا، اسان افغانستان کي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ سمجهون ٿا، هو دنيا وانگر پنهنجي شهرين جي لڏپلاڻ جي حوالي سان عالمي اصول تي هلي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس