اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ??ورونا وائرس جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون کان متاثر ماڻهن ??ي لاءِ رليف ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح ۽ ذميواري آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف آڊيننس عوام کي مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي کان بچائڻ ??ي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي عزم جو واضح اظهار آهي، عوام جي مشڪلاتن مان فائدو کڻندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اهڙن عنصر?? سان سختي سان منهن ??نو ويندو، ذخيره اندوزي سان ناجائز منافعو ڪمائيندڙن کي آرڊيننس تحت سزا ڏني ويندي.