اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد بزرگ سياستدان معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته م??راج محمد خان جمهوري جدوجهد جو هڪ بهادر ۽ بي باڪ ترجمان هو، آمريتن جي ڪاري دور ۾ جمهوريت لاءِ سندس عظيم قربانيون ??هن، اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته سندس قربانين کي سدائين ياد ر??يو ويندو.