اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اور??گز??ب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو، جتي هو پاڪستان نيوي جي اهتمام هيٺ جاري عالمي گڏيل سامونڊي مشقن جو معائن?? ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل سامونڊي مشقن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سامونڊي فوجن جا دستا شريڪ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٻن سالن کانپوءِ ٿيندڙ انهن مشقن جو بنيادي مقصد سامونڊي ڌاڙيلن، دهشتگردن، منشيات ۽ هٿيار اسمگلرن جي خلاف موثر گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آهي. مريم اور??گز??ب چيو ته وزيراعظم سامونڊي ڌاڙيلن جي خلاف گڏيل ڪارروائي جو مظاهرو ڏسڻ کانسواءِ ٻين سامونڊي مشقن ?? پيشيواراڻي مهارتن جو جائزو به وٺندو.