اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت پاڪستاني نوجوانن کي روزگار جي لاءِ قرضن جي وقت سر فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، تازو ئي حڪومت پاران يوٿ لون اسڪيم جاري ڪرڻ سان ملڪ ۾ لکين باصلاحيت نوجوان فائدو کڻي رهيا آهن، ا??وت جي ملڪ ۾ بنا وياج قرضن جي فراهمي کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??وت جي باني امجد ثاقب سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ڪالهه اربع ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ امجد ثاقب وزيراعظم کي يوٿ پروگرام ۾ نوجوانن کي روزگار جي لاءِ آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيراعظم کي ا??وت پاران ٻوڏ سٽيلن کي بنا وياج قرضن جي فراهمي جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو.