اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب هٿياربند ماڻهن پاران اينڪر پرسن شفا يوسفزئي جي گهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ گهريلو ملازمن تي تشد?? جي شديد مذمت ڪئي آهي. اينڪر پرسن شفا يوسفزئي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي، پوليس کي جوابدارن جي جلد گرفتاري جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن شفا يوسفزئي ۽ سندس گهرڀاتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. شفاف يوسفزئي اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته واقعي جي وقت هو گهر ۾ موجود نه هئي، جوابدارن گهريلو ملازمن تي تشدد ڪيو ۽ انهن کي ڌمڪيون ڏئي هليا ويا. شفاف يوسفزئي ٻڌايو ته ??وابدار گهر جي اندر دا??ل نه ٿي سگهيا ۽ فرار ٿي ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??هڙي طرح جي واقعن جو خاتمو ڪيو ويندو.