اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) حڪومت جي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن آئيني مقر??ين جي حوالي ??ان وزيراعظم شهباز شريف جي ڀرپور حمايت ڪندي ان کي فيصلي جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اتحادي پارٽين جي مشاورتي اجلاس ۾ پارٽي سربراهن ۽ اڳواڻن وزيراعظم شهباز شريف جي ڀرپور حمايت ڪئي. ذريعن موجب مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته الله تعاليٰ توهان کي عزت ۽ عهدي ??ان نوازيو آهي، الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا، اهو توهان جو آئيني حق آهي ۽ اسان توهان ??ان گڏ بيٺل آهيون. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته وزيراعظم جيڪو به فيصلو ڪندو، جي يو آءِ (ف) اُن ??ان گڏ بيٺل آهي ۽ توهان جي تائيد ڪري ٿي. بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ خالد مگسي چيو ته توهان جيڪو فيصلو ڪريو، اسان توهان ??ان ڄمي بيٺل آهيون. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميان صاحب، اسان هر فيصلي ۾ توهان ??ان گڏ بيٺل آهيون. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته توهان تي مڪمل اعتماد آهي، توهان جو آئيني حق آهي، توهان اسان ??ان مشاورت ڪئي، توهان جا ٿورائتا آهيُون. اسلم ڀوتاڻي چيو ته آئين ت??ت فيصلو توهان کي ڪرڻو آهي، اسان توهان جي فيصلي جي تائيد ڪريون ٿا. محسن داوڙ چيو ته اهم مقر??ين جو اختيار توهان وٽ آهي ۽ توهان ئي ان جا مجاز آهيو، اسان توهان ??ان گڏ آهيون. آفتاب شيرپائو چيو ته اختيار توهان جو آهي، توهان اسان تي اعتماد ڪيو، اسان توهان تي مڪمل اعتماد ڪريون ٿا. شاهزين بگٽي چيو ته آئين توهان کي ذميواري ڏني آهي، اسان توهان جي فيصلن جي تائيد ۽ حمايت ڪريون ٿا، مشاورت ڪرڻ توهان جي جمهوري سوچ جو مظهر آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته سمو??ين پارٽين جو وزيراعظم شهباز شريف تي مڪمل اعتماد اسان جي لاءِ فخر جوڳو آهي.