اسلام آباد -23 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ آ??ري??ا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ازالو مڪمل طور تي نه ٿي سگهيو، هر ملڪ مو??مياتي تبديلي جي خطرن جي ور چڙهيل آهي اهو ئي سبب آهي ته اسان هڪ سبز اتحاد جي قيام جي ذريعي پاڪستان ۾ مو??يماتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ اضافي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا جي دوري دوران هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آ??ري??ي سفير ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان پڻ ملاقات ڪئي. آ??ري??ي سفير صوبي ۾ مو??مياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ۾ مصروف مقامي حصيدارن، اعليٰ تعليمي ادارن جي نمائندن، مقامي غير سرڪاري تنظيمن جي اڳواڻن ۽ افغان پناهگيرن سان پڻ مليو. پنهنجي دوري جي موقعي تي هن پاڪستان ۾ مو??يماتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف شراڪتدارن تي مشتمل هڪ سبز اتحاد جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي هن اعليٰ تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ذريعي معاشي ترقي جي فروغ لاءِ آ??ري??ا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط تعاون جي اهيمت کي پڻ اجاگر ڪيو. اسلام آباد ۾ آ??ري??ي سفارتخاني مان جاري هڪ پريس رليز مو??ب ڪوئيٽا ۾ سفير بلوم عوامي وڻڪاري مهم ۾ شرڪت ڪندي هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. واضح رهي ته هي سرگرمي مستقبل ۾ شهرن ۾ وڻ پوکڻ جي هڪ منصوبي جي ڪڙي آهي ۽ نوجوان ڪارڪنن جي سربراهي ۾ شروع ڪيل هن منصوبي جو مقصد مو??مياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، مو??مياتي خطرن جي باري ۾ آگاهي ۽ مو??مياتي تبديلين خلاف معاشي لچڪ کي سگهه ڏيڻ ۽ هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي جتي وسيع معاشرتي ڀلائي لاءِ مختلف گروهن کي ويجهو آڻي سگهجي. تقريب کي خطاب ڪندي سفير بلوم چيو ته آ??ري??ي حڪومت بلوچستان سميت سڄي پاڪستان ۾ هلندڙ سال ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ضرورتمند ماڻهن ۽ آبادين ۾ 9 ڪروڙ 70 لک ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي امداد فراهم ڪئي آهي.