اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪينيا ۾ ناليواري صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي افسوسناڪ موت تي ڏک جو اظهار ڪندي ڏکويل خاندان سان دلي تعزيت ڪئي آ??ي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪ??شنر کي 24 آڪٽوبر جي صبح ارشد شريف جي موت جي ابتدائي خبر ملي. بيان موجب هاءِ ڪ??شنر ان جي موجب پوليس عملدارن ۽ گهرو وزارت کانسواءِ ٻين کاتن جي سينيئر عملدارن سان رابطو ڪيو، جڏهن ته تصديق جي لاءِ ڪ??نيا جي نائب صدر جي آ??يس سان به رابطو ڪيو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪينيائي ڄائي پاڪستانين کي به متحرڪ ڪيو ويو. مشن کي ٻڌايو ويو ته لاش نيروبي جي چيرو موفيونرل هائوس ۾ آهي. بيان موجب هاءِ ڪ??شنر مشن جي آ??يسرن سان گڏ اتي پهتي ۽ هن ارشد شريف جي ميت جي سڃاڻپ ڪئي. وقت?? پرڏيهي سيڪريٽري ارشد شريف جي گهروارن سان ملاقات ڪئي ۽ ان افسوسناڪ خبر جي تصديق ڪند?? پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پاران انهن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. مرحوم جي گهروارن ک?? پرڏيهي وزارت پاران هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي وئي آ??ي. بيان موجب پوليس رپورٽ سميت وڌيڪ ڪارروائي جو انتظار آهي. هاءِ ڪ??يشن ميزبان عملدارن سان گڏجي ارشد شريف جي ميت جي جلد وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪندي.