نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران آمريڪي پرڏيهي وزير هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ ب??ه?? جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران هن پاڪستان ج?? ٻوڏ سٽيلن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم کي هن مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان گڏ ب??هڻ جي آمريڪي عزم جو يقين ڏياريو.