اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي تي س??ڌ صوبي ۾ سکر، روهڙي، خيرپور، ??يض گنج، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي دورو ڪندو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب چيو آهي ته سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم ا?? جا نمائندا وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ تباهه ٿيندڙ انفرااسٽڪچر جي بحالي جي لاءِ جاري ڪمن تي بريفنگ ڏيندا. وزيراعظم ا??دادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو حال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. تنهن کان پوءِ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ چيف انجينيئر سکر بيراج تي وزيراعظم کي ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏيندو.