اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ن??ڪا??ي واري وفاقي وزير عابد حسين ڀيو چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي پرامن ماڻهن کي ڀارتي ظلم برداشت ڪندي 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي فوج اسان ڪشميري ڀائرن ڀينرن جو استحصال ڪري رهي آهي. ن??ڪا??ي واري وزارت پاران جاري بيان ۾ عابد حسين ڀيو چيو ته ڀارت 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿو. ن??ڪا??ي واري وزير چيو ته ڀارتي ڏاڍ جي ڪري ڪشمير?? ڀينرن ڀائرن جو پوري دنيا سان رابطو ڪٽجي چڪو آهي. هن چيو ته سمورا پاڪستاني ۽ حڪومتي نمائندا ڀارتي ظلم جي خلاف هر سطح تي آواز اٿاريندا رهندا. ن??ڪا??ي واري وزير چيو ته عالمي انساني حقن جون تنظيمون ڀارتي غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي اڳتي اچن.