اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 156 – ون تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل جو چ????رم??ن ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير ڪائونسل جا ميمبر هوندا. وفاق مان منصوبابندي وا??و وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي وا??و وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار وا??و وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ مواصلات وا??و وفاقي وزير اسعد محمود اقتصادي ڪائونسل جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته پنجاب مان سردار اويس احمد خان لغاري ۽ سنڌ مان سينيٽر نثار احمد کهوڙو جا نالا قومي اقتصادي ڪائونسل جي ميمبر طور ??نظور ڪيا ويا، خيبرپختونخواهه مان ناڻي وا??و وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بلوچستان مان ناڻي و??رو سينيئر وزير نور ??حمد دمڙ بطور ??يمبر مقرر ڪيا ويا آهن. پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چي??رم??ن، ناڻي و??رو سيڪريٽري، اقتصادي معاملن و??رو سيڪريٽري ۽ منصوبابندي ڊويزن و??رو سيڪريٽري خصوصي دعوت تي قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم سمري تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي درخواست ڪئي هئي. صدر قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي.