اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافي جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل وزيرن ۽ وزارتن کان رپورٽ گهري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان وجب و??يراعظم سڄي ملڪ ۾ اٽي جي قيمت حڪومتي اعلان موجب بڻائڻ لاءِ سخت قدمن جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪن??ن کي عوام کي لُٽڻ جي اجازت نه ڏينداسين، وزيراعظم چيو ته عوام کي حڪومت?? اگهن تي اٽي جي فراهمي يقيني بڻائي و??ي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته فوڊ سيڪيورٽي، صنعت جون وزارتون ۽ لاڳاپيل کاتا حڪمن تي عملدرآمد جي رپورٽ اڄ ئي پيش ڪن.