اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، ان کي جلد تمام وڏو سرپرائز ڏيڻ وارو آهيان، 27 مارچ جو جلسو تاريخي هوندو، ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، بي اعتمادي واري مئچ اسان کٽينداسين، مضبوط فوج ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي ??اء?? فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. صحافين سان ڳالهائيندي وزير??عظ?? چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني فوج نه هجي ته ملڪ 3 حصن ۾ ورهائجي وڃي، پاڪ فوج ملڪ جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهي، فوج کي غلط تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، مضبوط فوج ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي ??اء?? فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. هن چيو ته فضل الرح??ان سياست جو 12 هون رانديگر آهي، فضل الرح??ان جو هاڻي ٽيم کان ٻاهر ٿيڻ جو وقت ٿي ويو آهي. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي سياست چوري ۽ چوري لڪائڻ آهي، اها ڪنهن جي غلط فهمي ٿي سگهي ٿي ته آئُون گهر ويهي رهندس، ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، ڇا چورن جي دٻاءُ تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيان. هن چيو ته چوڌري نثار سان ملاقات ٿي آهي، ان سان 40 سال پراڻو تعلق آهي. وزير??عظ?? چيو ته ويڙهه کان اڳ هٿ کڻي ڇڏيان، بي اعتمادي واري مئچ اسان کٽينداسين، مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ شو ڪري ڇڏيا، مخالف ڌر کي تمام وڏو سرپرائز ڏيڻ وارو آهيان، انهن کي پاڻ خبر نه آهي ته انهن سان انهن جا ڪيترا ماڻهو رهجي ويندا. هن چيو ته 27 مارچ جو جسلو تاريخي هوندو.