اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) ازبڪستا?? جو صدر شوڪت مرزيوئيف وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ??ڀاڻي خميس ڏينهن پاڪستان پهچندو. ازبڪ صدر سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو جنهن ۾ پرڏ??هي وزير، ڪابينا جا ٻيا ميمبر، اعليٰ سرڪاري آفيسر، ڪاروباري ۽ ميڊيا ميمبر شامل هوندا. 2016ع ۾ صدارتي ??هدو سنڀالڻ کانپوءِ ازبڪ صدر مرزيوئيف جو پاڪستا?? جو هي پهريون دورو هوندو. ازبڪ صدر اهڙي وقت ۾ پاڪستا?? جو دورو ڪري رهيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جا 30 سال مڪمل ٿي ويا آهن. پرڏ??هي آفيس موجب دوري دوران پاڪ ازبڪ اڳواڻ سياسي، واپاري، اقتصادي رابطن، تعليم، ثقافت، سلامتي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخ?? جو جائزو وٺندا. ان کانسواءِ ٻئي اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ۽ ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي ??حيحون ڪندا. وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي صدر سان ون آن ون ملاقات ڪندو جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل ميڊيا اسٽيڪ آئوٽ ٿيندو. وزيراعظم ازبڪ صدر جي مان ۾ هڪ مانجهاندو پڻ ڏيندو. ازبڪ صدر مرزيوئيف ۽ صدر عارف علوي جي وچ ۾ پڻ ملاقات ٿيندي. ٻئي ڌريون سياسي ۽ اسٽريٽجڪ رابطا وڌائڻ، تيزي سان وڌندڙ واپار، ٽرانزٽ ۽ اقتصادي لاڳاپن، رابطن ۾ اضافي، تعليمي ۽ ثقافتي ??عاو?? جو فروغ، پاڪستان ۽ ازبڪستان ۽ افغانستان کي ڳنڍيندڙ ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ جا معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻنهي ملڪن جي اهم واپارين جي وچ ۾ پڻ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ازبڪ صدر جي دوري کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ 2 مارچ 2022ع تي ??سلام آباد ۾ گڏيل وزارتي ڪميش?? جو 7 هون اجلاس ۽ ٻيو جوائنٽ بزنس فورم منعقد ٿيندو. پاڪستان ”ويزن سينٽرل ايشيا“ فريم ورڪ تحت وچ ايشيائي ملڪن سان پنهنجي رابطن کي وڌايو آهي. ان ويزن ۾ سياسي، سفارتي، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن، سلامتي ۽ دفاع جا شعبا شامل آهن.