دبئي – 21 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فلاپ فلمون لنڊن وڃي ويهي رهيون آهن، نواز شريف اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون فلمون هلي رهيون هيون، اصل فلم طرف ڪ??هن ڌيان نه ڏنو، رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري به تصديق ڪئي آهي ته حلفي بيان نواز شريف جي گهر تي صحيح ٿيو، اها ڳالهه هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته دبئي ۾ فلم فيسٽيول ۾ 11 پاڪستاني فلمون ڏيکاريون وينديون، يو اي اي ۾ ر??ند?? پاڪستاني ان فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون ڏسڻ اچن. هن چيو ته پاڪستان جي فلم انڊسٽري بحال ٿي رهي آهي، ان کان اڳ صرف سياستدانن جا ڊراما ??ٺا ويندا هئا، نواز شريف اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون فلمون هلي رهيون هيون، اصل فلم جي طرف ڌيان نه ڏنو. فلاپ فلمون لنڊن ۾ وڃي ويهي رهيون آهن، هن چيو ته رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري به تصديق ڪئي آهي ته اهو بيان حلفي نواز شريف جي گهر تي صحيح ٿيو، اهو گهڻو اهم معاملو آهي، شريف فيملي کي ان تي ??نه??جي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته اوورسيز پاڪستانين اسان جا سر جا تاج آهن ۽ يو اي اي ۾ ر??ند?? پاڪستاني ان تاج جا هيرا آهن، وفاقي وزير چيو ته 15 لک پاڪستان يو اي اي ۾ رهن ٿا، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ انهن جو سڀني کان وڏو حصو آهي، هن چيو ته روشن ڊجيٽل پاڪستان اڪائونٽ ۾ به سڀني کان وڌيڪ تعداد يو اي اي ۾ ر??ند?? پاڪستانين جو آهي. وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح عمر??ن خان ۽ اوورسيز پاڪستانين سان گڏ بيٺو آهي، اهڙي طرح اوورسيز پاڪستاني به عمر??ن خان جي پويان بيٺل آهن، هي اهو ئي اتحاد آهي جيڪو پاڪستان کي اڳيان وٺي هلندو.