اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عوام لاءِ صحت، تعليم، سستي رهائش، سماجي تحفظ ۽ صاف پاڻي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي جي منصوبن جي تڪميل ترجيحي بنيادن تي يقين?? بڻائي رهي آهي. اها ڳالهه هن پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ??ان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آبِ پاڪ اٿارٽي ۽ سڄي صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي.