اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ورچ??ئل يونيورسٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ??لڪ جي ڏورانهن علائقن خاص طور تي بلوچستان، سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سهولت لاءِ ??نه??جي موجودگي وڌائي، ورچ??ئل يونيورس??ي جي دائري ڪار ۾ اضافي سان ڏورانهن علائقن جا ماڻهو ڪورسز ۽ اي لرننگ پروگرامن مان لاڀ پرائي سگهندا. مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ آن لائين تعليم ۽ تربيت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورچ??ئل يونيورسٽي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ورچ??ئل يونيورس??ي جو ريڪٽر ڊاڪٽر ا??شد سليم ڀٽي ??لڪ ۾ اي لرننگ جي فروغ ۾ يونيورس??ي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. بريفنگ جي دوران ٻڌايو ويو ته ورچ??ئل يونيورسٽي 2021ع ۾ 55 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي داخلا ڏني جيڪا نمايان ڪاميابي آهي. يونيورسٽي ??لڪ جي مختلف علائقن ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب مقامي نوجوانن کي تعليم جي فراهمي لاءِ مقامي ڊگري ڪاليجز، يونيورسٽين ۾ ڪمپيوٽر ليبز قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽي انتظاميه کي عالمي معيار موجب ڪورسز ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. صدر ??لڪ ۾ اي لرننگ جي فروغ ۾ يونيورس??ي جي ڪردار کي ساراهيو.