اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان جي سول ??وسائٽي جمهوريت جي استحڪام ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پارليامينٽ جمهوريت کي ڪ??ميابي سان وڌندي ويجهندي ڏسڻ چاهي ٿي. ڊيموڪريسي رپورٽنگ انٽرنيشنل، ڊي آر آئي نيشنل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن ڊي آر آئي ق??مي ڪانفرنس جي انعقاد کي ساراهيو ۽ چيو ته سول ??وسائٽي جو ڪم معاشري ۾ بي حد اهميت رکندڙ آهي، حڪومت سول ??وسائٽي سان ڀرپور تعاون ڪري رهي آهي، پارليامينٽ ۾ ٻارن جي بهتري لاءِ قانون سازي ٿي رهي آهي، اسلام آباد ۾ ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ شيلٽر هومز به ٺاهيا پيا وڃن، ق??مي اسيمبلي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا ان تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين جي نمائندگي آهي، چونڊ سڌارن کانپوءِ جمهوريت کي وڌيڪ سگهه ملي آهي، هن چيو ته سول ??وسائٽي کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ان جي صلاحيت موجب موقعو ڏنو وڃي جنهن لاءِ پارليامينٽ جا دروازا کليل آهن.