اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قومي معاملن ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري رهنمائي ڪري، بار ايسوسيئيشنز سياسي پارٽين کي وڏن سڌارن تي ويجهو آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، چونڊ سڌارن، نيب آرڊيننس سميت ٻي اهم قانونسازي ۾ وڪيل ۽ بار ايسوسيئيشن جي ڪردار جي آجيان ڪنداسين، نيب آرڊيننس کي چئلينج ڪرڻ بدران سڌارا تجويز ڪن، بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ وڪيل پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا، ان ڪردار کي قومي معاملن ۾ به اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ب??ر ايسوسيئيشن جي صدر احسن ڀون جي قيادت ۾ نئين چونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته معاشري ۾ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهڻ گهرجي، بار ايسوسيئيشنز کي عدليه ۾ التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون. هن چيو ته انصاف کانسواءِ ترقي يافته معاشرو قائم ڪرڻ ممڪن نه آهي، اسان وڪيل برادري کي درپيش مسئلا حل ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته وڪيل برادري جي ڀلائي اسان جي اولين تر??يح آهي، حڪومت ان ڏس ۾ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات واري وفا??ي وزير سپريم ڪورٽ ب??ر ايسوسيئيشن جي عهديدارن کي تازين چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.