اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته حڪ??مت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مارٽگيج فنانسنگ کي متعارف ڪرايو، غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ بدران گهر جون قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جن??ن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي ملڪ ۾ گهٽ قيمت تي رهائش جي فراهمي لاءِ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مارٽگيج فنانسنگ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ 69 ارب روپين جي منظوري ڏئي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان چ??و ته گهٽ قيمت رهائش جي فراهمي حڪ??مت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪ??مت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مارٽگيج فنانسنگ کي متعارف ڪرايو. هن چ??و ته غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ بدران گهر جون قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو.