اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي عوام جي محرومين جي موثر ازالي ??اءِ سڀني وفاقي وزارتن جي سيڪريٽرين کي هر مهيني بلوچستان جو دورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان سل??لي ۾ وزيراعظم آفيس مان باقاعده حڪم ??امو جاري ڪيو ويو آهي. حڪم ??امي موجب بلوچستان صوبي جي عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سڀني وفاقي وزارتن جي سيڪريٽرين کي هر مهيني صوبي جو دورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. حڪم ??امي ۾ چيو ويو آهي ته سڀئي وفاقي سيڪريٽريز هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو بلوچستان صوبي وڃن ۽ پنهنجي وزارت، ڊويزن، اداري بابت معاملا ترجيح بنيادن تي حل ڪن.