اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته عورت پارليامينٽ ميمبر پنهنجي تڪن جي مسئلن جي لاءِ عام طور ۽ عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ خاص طور تي موثر ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ??يڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هن ??هڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي عورت ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ??زي??اعظم سان ملا??ات ڪئي. ملا??ات ڪندڙ عورت ميمبرن ۾ عاصمه قدير ۽ غلام بي بي ڀروانه شامل هيون. ملا??ات ۾ سياسي معاملن وارو خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هو. عاصمه قدير ??زي??اعظم کي سسٽين ايبل هائوس هولڊ بابت منصوبي کان آگاهه ڪيو، منصوبي تحت ڪچن گارڊننگ ۽ ننڍي پئماني تي پولٽري جي مدد سان نه رڳو وچولي خاندان جي گهر جون ضرورتون پوريون ٿي سگهنديون پر ان سان روزگار به ڪمائي سگهبو. ڄاڻايل منصوبو نه رڳو گهٽ کان گهٽ ڪاربن فٽ پرنٽ جي ڪري ماحول دوست آهي پر ڪنهن ??ه گهر کي پنهنجي طور هڪ سسٽين ايبل يونٽ ٺا??ڻ جي صلاحيت رکي ٿو.