اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ وزيراعظم جي ??ارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن ??ي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر جو هنگامو عوام ۽ جمهوريت جي خدمت جي ابتڙ آهي. اسپيڪر سان وزيراعظم جي ??ارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جا اهم معاملا بحث هيٺ آ??ا. ??لاقات ۾ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ايوان جي ڪاررو??ئي اسيمبلي جي ??اعدن ۽ ضابطن تحت هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ هنگامه آر??ئي سان نه جمهوريت جي خدمت آهي ??ه ئي عوام جي، اجلاس ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جي اهم مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو. اسد قيصر چيو ته ايوان جي ڪاررو??ئي خوشگوار ماحول ۾ هلندي ته عوامي اهميت جا معاملا ۽ قانونسازي بهتر انداز ۾ ڪري سگهجي ??ي، عوام جون نظرون پنهنجي چونڊيل نمائندن ڏانهن آهن، چونڊيل نمائندا پارليامينٽ جو موثر انداز ۾ استعمال ڪري عوامي مسئلن جو حل تجويز ڪري سگهن ٿا.