اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ڀارتي مدد سان پاڪستان ۾ ڪيل دهشتگردي، ڪ??مي?? ۾ ان جي ظلمن ۽ 15 سالن کان اسان جي خلاف ب??پا ان جي ڊس انفارميشن مهم جو پردو هٽي ٿي چڪو آهي، ڀارتي ميڊيا پاڻ مودي سرڪار سان ڳٺ جوڙ کي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان ڀارت جي جارحاڻي ا??اد?? ۽ مودي سرڪار جي سفاڪيت تان پردو هٽائيندو رهندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان ??يو ته 2019ع ۾ جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ مون ٻڌايو ته سفاڪ مودي سرڪار بالاڪوٽ واقعي کي ڪيئن پنهنجي چونڊ فتح لاءِ استعمال ڪيو. هاڻي پنهنجي سياه ڪارين جي حوالي سان مشهور ڀارتي صحافي جي تازه ڪميونڪيشن سان مودي سرڪار ۽ ڀارتي ميڊيا وچ ۾ ناپاڪ ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿيو آهي.