اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذور ماڻهن لاءِ معاون ٽيڪنالاجي کي ??ال??ي ۽ علائقائي سطح تي پذيرائي ملي رهي آهي، خصوصي ماڻهن جي معاون ٽيڪنالاجي تائين پهچ ۾ بهتري آڻڻ ۽ مالي ۽ معاشرتي طور تي قومي ڌارا ۾ شام?? ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ معذور ماڻهن جي لاءِ معاون ٽيڪنالاجي تي اجل??س کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت جي ??ال??ي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر پليٿاماهي پالا ۽ پاڪستان بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صحت جي ??ال??ي اداري ۽ وفاقي صحت واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ ٿيا.