??سل??م آباد ??? 10 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت جو مديني جي رياست جو تصور علامه اقبال جي مسلمانن جي نشاته ثانيه جي پيغام جي عين موجب آهي. ڪنهن کي ان معامل?? تي طنز نه ڪرڻ گهرجي، دنيا جا ڪجهه ملڪ نشاته ثانيه جي معامل?? تي پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته عمران خان جهڙو اڳواڻ ان معامل?? تي پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي، علامه اقبال هندستان ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي استحصال جي جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اها اڄ سچ ثابت ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي جي حوالي سان ا??مبيسڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.