اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته 8 آڪٽوبر 2005ع جو زلزلو پاڪستاني قوم جي لاءِ هڪ آزمائش هئي ۽ قوم ان آزمائش جي وقت ۾ جنهن اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو اهو مثالي هو، ان زلزلي جي تباهڪارين ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن کي اسان اڄ تائين ناهي وساريو ۽ اهي خاندانن جنهن جا پيارا ان قدرتي آفت دو??ان انهن کان وڇڙي ويا انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن 8 آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي جي 15 هين ورسي ??ي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته 8 آڪٽوبر جي زلزلي دو??ان سڄي قوم پنهنجي مصيبت ۾ ورتل ڀائرن سان شيهي ??ي ديوار وانگر گڏ بيٺل رهي، هن چيو ته ان بي مثال ق??مي اتحاد ۽ يڪجهتي متاثرين کي نئين سر پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لاءِ هڪ نئون حوصلو ۽ عزم ڏنو.