اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 545 م??يضن جا ٽيسٽ مثبت ??يا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 808 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 13 هزار 314، پنجاب ۾ 11 هزا?? 409?? خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 435، اسلام آباد 3 هزار 52، بلوچستان 656، گلگت بلتسان ۾ 753 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 455 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 91 هزار 169 ٿي ??ڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 102 ڪورونا جا مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 66 آهي.