اسلام ??باد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئني??مي??ٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته ڪراچي ۾ نديءَ نالن جي ڀرپاسي قبضن، سيوريج ۽ ٻئي پاڻي جو جدا جدا نظام نه هجڻ ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي کوٽ جي ڪري هڪ ڪلاڪ ۾ 80 کان 83 ملي ميٽر برسات پوڻ جي ڪري ڪراچي ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، حڪومت پاران ڊيزاسٽر مئني??مي??ٽ ايڪٽ تحت پاڪ فوج ??مو??ن متاثر علائقن تائين پهچي وئي آهي، اڄ سومر تي وڏي پئماني تي ڪم شروع ٿيندو، ??سا?? جو ڌيان هلندڙ مهيني دوران 7، 8 آگسٽ، 15 آگسٽ ۽ 24 کان 26 آگسٽ جي وڏين برساتن سبب امڪاني نقصانن کان بچڻ جي لاءِ قدم کڻڻ آهي، مستقل حل جي لاءِ ??مو??ين ڌرين جو اتفاق راءِ ضروري آهي، دنيا ۾ سالڊ ويسٽ آمدني جو ذريعو جڏهن ته ??سا?? جي لاءِ سالڊ ويسٽ زحمت بڻجي چڪو آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته وفاق پاران مون سون جي سيز دوران امڪاني برساتن جي نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي، ايف ڊبليو او ۽ ٻيا ادارا ڪراچي ڪور هيڊ ڪوارٽرز جي نگراني هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن، ايف ڊبليو او کي ڪراچي جا اهي علائقا ڏنا ويا آهن جتي وڏا وڏا ندي نالا آهن. هن چيو ته اين ڊي ايم اي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي شروع ۾ ڪراچي ۾ برساتن بابت اڳڪٿي حاصل ڪري ورتي آهي، 40 کان 65 سيڪڙو برساتن جو امڪان آهي، ان اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي ??سا?? پنهنجون تياريون ڪري رهيا آهيون ته جيئن پهرين برسات سان جيڪو نقصان ٿيو آهي اهو ايندڙ ??رساتن ۾ نه ٿئي. هن چيو ته هن وقت پاڪ فوج ۽ ان جا لاڳاپيل ادارا ڪراچي ۾ جيڪو ڪم ڪري رهيا آهن اهو مستقل حل نه آهي، ??سا?? کي ڪراچي جي روزانو گڏ ٿيندڙ ??الڊ ويسٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو جنهن مان رڳو 3، 4 هزار ٽن سالڊ ويسٽ کنيو وڃي ٿو، باقي ندي نالن ۾ وڃي رڪاوٽ بڻجي وڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ برسات سبب ٿيندڙ نقصانن جو شروعاتي جائزو ورتو آهي. هن چيو ته 1995ع ۾ ڪراچي جي نالن جي ويڪرائي 300، 400 ميٽر هئي جيڪا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪٿي ڪٿي مشڪل سان 3، 4 ميٽر رهجي وئي آهي جڏهن ته نالن جي ڀرپاسي قبضن جي پڻ ڀرمار ٿي وئي آهي. ٻئي طرف سيوريج ۽ ٻئي پاڻي جي لاءِ جدا نظام نه آهي، انهي لاءِ پاڻي نڪري وڃي ٿو ۽ سيوريج پٺتي رهجي وڃي ٿي جنهن سان پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ??سا?? کي نديءَ نالن ۾ ايندڙ ??ڪاوٽن کي ختم ڪرڻو آهي، ان مسئلي جي مستقل حل لاءِ ٻئي مرحلي ۾ ??مو??ين ڌرين کي ويهاري اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪالي جي وهڪري کي جاري رکڻ لاءِ اسپارڪو جي مدد سان پاڻي جي روٽ کي پڻ ڏٺو ويندو.