اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت پهرين ٻن ڪيٽيگرين ۾ 57 لک 50 هزار مستحق خاندانن ۾ 69 ارب روپيا ورهائجي چڪا آهن، پريس ڪانفرنس کي خط??ب ڪندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته پهرين ڪيٽيگري تحت 80 سيڪڙو ادائيگين جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آ??ي جڏهن ته ٻي ڪيٽيگري تحت ڪم تيزي ??ان جاري آ??ي، هن ٻڌايو ته 3 ڪروڙ 50 لک درخواستون رد ڪيون ويون جڏهن ته 89000 ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊز جي سُڃاڻپ نه ٿي سگ??ي، هن چيو ته ٽئين ڪيٽيگري جي لاءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آ??ي، هن چيو ته پروگرام کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ ان عمل کي انتهائي شفاف بڻايو ويو آهي.