اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪ??رنا وائرس جي صورتحال کي ڏسندي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر صوبن جي مشاورت سان لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ يا وڌائڻ جو فيصلو ڪندو، حالتون لائحه عمل کي بدلائي سگهن ٿيون، جيڪڏهن ڪورونا وائرس جي پک??ڙ ۾ شدت پيدا ٿئي ٿي ته ??ن کان به وڌيڪ سخت هدايتون لاڳو ڪرڻيون پونديون، 14 اپريل کان پهرين آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ??وام جي سلامتي ۽ تحفظ اولين ترجيح آهي، ڪورونا وائرس جي جيڪا صورتحال هلي ره?? آهي ان کي نظر ۾ رکندي ماهرن جي ٽيم ڪم ڪري ره?? آهي.