اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) وفاق، چئني صوبن بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ج?? اطلاعات ۽ نشريات وا??ن وزيرن ۽ ترجمانن ڪرونا وا??رس کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، فرنٽ لائن تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ صحافين ۽ ميڊيا ور??رز کي ڪرونا وا??رس کان بچائڻ جي لاءِ حفاظتي ڪٽس جي فراهمي، ڪرونا وا??رس بابت خوف ۽ حراس تي ضابطو آڻڻ ۽ فيڪ نيوز جي تدارڪ جي لاءِ صوبائي سطح تي فوري قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي، قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن کي عام ڪرڻ ۽ ڪرونا جي خاتمي وا??ي مهم لاءِ وفاقي اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت 5 ڪروڙ رپين ج?? خاص فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي اطلاعات وا??يون وزارتون به ان ۾ پنهنجو حصو وجهنديون، ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ امداد، وزيراعظم رليف پئڪيج، اين ڊي ايم اي امدادي پلان تحت سمورن صوبن کي برابر امداد جي ورڇ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي صدارت ۾ اطلاعات وا??ن وزيرن ۽ ترجمانن ج?? وڊيو ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي.