اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته سول سروسز ۾ سڌارا اڌ صدي کان مروج فرسوده نظام ۾ تبديلي ۽ پاڪستان جي نئين روشن مستقبل لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿين??ا، ترقي جا معيار بدلجي ويا، نااهلي جي حوصلا شڪني ۽ اهليت جي حوصلا افزائي ٿيندي، ماڻهن جي خوشنودي يا ڪنهن سياسي خاندان جي خدمت گذاري ترقي جو معيار نه بڻجندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ترقي جو معيار هاڻي محنت، ??لاحيت، ??وامي خدمت ۽ عوام جي مسئلن جي حل سان جوڙي ڇڏيو آهي.