اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ جي اندر اهم قومي سلامتي جي مسئلي تي قانون سازي جو عمل شروع ٿيو آهي اهي ملڪ جي سلامتي جو معاملو آهي جنهن تي پوري قوم متحد آهي، آئيني لحاظ کان قانون ۾ جيڪي جهول ه??ا اهي ختم ڪيا پيا وڃن، پاڪستان جي دشمنن کي معلوم هجڻ گهرجي ته قوم ??نه??جي هٿياربند فوج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، سويلين بالادستي طرف اهم اڳڀرائي آهي جيڪڏهن قيادت ۾ ويز?? ۽ ??صيرت هجي ته ملڪي تقدير بدلجي سگهي ٿي.