اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ٽريزري بلز جي ني??امي مان 434 ارب روپيا حاصل ڪيا جيڪي هدف جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب ٽريزري بلز سبب وصولين جو هدف 250 ارب روپيا مقرر ڪيو ويو هو?? ٽن مهينن جي ٽريزري بلز تي منافعي جي شرح 11.68 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا 24 ڊسمبر جي ني??امي جي ڀيٽ ۾ 22 بيس پوائنٽ گهٽ آهي. ٽن مهينن جي ٽريزي بلز جي ني??امي مان 98 ارب روپيا حاصل ڪيا ويا، 6 مهينن جي ٽريزري بلز جي ني??امي مان 122.9 ارب روپيا حاصل ڪيا ويا، ان تي منافعي جي شرح 11.78 سيڪڙو آهي جيڪا 24 ڊسمبر تي ٿيل ني??امي جي ڀيٽ ۾21 بيس پوائنٽ گهٽ آهي. هڪ سال جي ٽريزري بلز جي ني??امي مان 212.7 ارب روپيا حاصل ڪيا ويا جن تي منافعي جي شرح 11.80 سيڪڙو آهي جيڪا 24 ڊسمبر تي ٿيل ني??امي جي ڀيٽ ۾ 50 بيس پوائنٽ گهٽ آهي.