رياض – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده مح??د بن سلمان بن عبدالعزيز السعود ٻ??رف?? لاڳاپن ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ سعوديه جي لاءِ پنهنجي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي رياض ۾ منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي سعودي ولي عهد شهزاده مح??د بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان خوشگوار ملاقات ٿي. سعودي ولي عهد گذريل ڇهن مهينن دوران پنجون ڀيرو پاڪستاني وزيراعظم سان ملاقات تي پنهنجي ??ما?? گهڻي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهو حقيقي محبت ۽ گڏيل احترام جو ثبوت آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڳنڍي ٿو. ٻنهي اڳواڻن جو ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته پاڪستان ۽ سعوديه جي لاءِ پنهنجي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. سعودي ولي عهد ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعاون جو فروغ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ??ما?? گهڻي اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان سعودي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مح??د شهباز شريف ولي عهد جا پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. هن ولي عهد کي جل?? کان جل?? پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پنهنجي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. ولي عهد وزيراعظم جي دعوت قبول ڪندي چيو ته هو جل?? پنهنجي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.